ڪنڊيارو ڀرسان نوجوان گم، اغوا جوشڪ
جُون 29, 2025
ڪنڊيارو( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪنڊيارو ڀرسان نوجوان هڪ مهيني کان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڄام نورالله واسي نوجوان عبدالاحد گهانگهرو هڪ مهيني کان پراسرار نموني گم ٿي ويوآهي، نوجوان جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي بازيابي جي گهر ڪئي آهي، ان موقعي تي نوجوان جي والدنثار گهانگهرو جو چوڻ هو ته سندس پٽ عبدالاحد گهانگهرو هڪ مهيني کان گم آهي، خدشو آهي پٽ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته پٽ ته پٽ کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي .