| ڪنڊيارو : ڪار سوارن هٿان 2 مزدور اغوا |
ڪنڊيارو( ن پ ا)ڪنڊيارو شھر مان 2 مزدور اغوا، ان ڏس ۾ شهر جي ڪلتار پور واري علائقي ۾ پيٽرول يونٽ تي ڪم ڪندڙ 2 ڄڻا عبدالستار لاکو ۽ وقار لاکو کي هٿيار بند ڪار ۾ ويهاري اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيندڙ جي لوڪيشن سعيد آباد طرف ملي رهي هئي، اغوا ٿيل عبدالستار لاکو جي ڀاء معشوق علي ڪنڊيارو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي چيو آھي ته ڀاءِ عبدالستار ۽ وقار علي لاکو کي 3 ڪار سوار اغوا ڪري کڻي ويا، ياد رهي ته ٻئي اغوا ٿيل مزدور آهن، هڪ يونٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته ٻيو کيس ماني ڏيڻ آيو، ڪار ۾ سوار کين اغوا ڪري کڻي ويا