ڪنڊيارو ۾ اميد ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع: پهرين ڏينهن  مچرر ۽ ڪنڊيارو ڪامياب

ڪنڊيارو ۾ اميد ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع: پهرين ڏينهن  مچرر ۽ ڪنڊيارو ڪامياب

ڪنڊيارو(ن پ ا)ڪنڊيارو جي گورنمينٽ غلام رباني ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سهڪار سان اميد ڪپ 2026 ٽيپ بال ٽورنامينٽ جو شاندار آغازڪنڊيارو ۾ اميد ڪپ 2026 ٽيپ بال ٽورنامينٽ جو شاندار ۽ مقصد ڀريو آغاز ٿيو آهي، جنهن ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن۔گروپ اي ۾ ڪنڊيارو، پڊعيدن  خانواهڻ ۽ مچر شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ نوشهروفيروز، راڄپر رائلز، گمبٽ ۽ رسول آباد شھرن جو ٽيمون شامل آهن پهرين ميچ ۾ مچر، خانواهڻ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني۔ خانواهڻ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 67 رنسون ٺاهي سگهي، جڏهن ته مچرر 3.3 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو۔ عرفان سولنگي ناقابل شڪست 44 رنسون ٺاهي مين آف دي ميچ ٿيو۔ ٻئي ميچ ۾ ڪنڊيارو، پڊعيدن کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو۔ مقرر اورن ۾ پڊعيدن 93 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ وقاص 40 رنسن سان ٽاپ اسڪورر ٿيو، ڪنڊيارو جي ٽيم 6.1 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪيو۔ وسيم سومرو 40 رنسون ٺاهي مين آف دي ميچ بڻيو اڄ ٿيندڙ پهريون سيمي فائنل ڪنڊيارو ۽ مچر وچ ۾ کيڏيو ويو۔ ڪنڊيارو پهريان بيٽنگ ڪندي 102 رنسون اسڪور ڪيون ۽ هنن مچر کي 82 رنس تائين محدود رکي سيمي فائنل کٽي ڪنڊيارو 20 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويو۔ زاهد ڄامڙو 3 اهم وڪيٽون وٺي مين آف دي ميچ ٿيو۔