ڪنڊيارو ۾ کدڙي فقير جي بازيابي لاءِ کدڙن جو مظاهرو، ڌرڻو

مارچ 7, 2025

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل کدڙو فقير ڪرن جي بازيابي لاءِ کدڙا فقيرن قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي کدڙا فقيرن بيبي بليدي، ليليٰ، جاويدهه، شازيه ۽ ٻين چيو ته 20 ڏينهن اڳ ڪرن فقير کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود کيس بازياب ناهي ڪرايو ويو، هنن چيو ته ڪنڊيارو پوليس ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي، هنن خدشو ظاهر ڪيو ته ڪرن فقير کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان ڪرن فقير کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Leave A Comment