ڪنڊياري ۽ ڀريا ۾ 2 مقابلا: 2 هاف فراءِ ٿي ويا

ڪنڊياري ۽ ڀريا ۾ 2 مقابلا: 2 هاف فراءِ ٿي ويا

ڪنڊيارو/ڀرياسٽي(نمائندن وٽان) ڪنڊيارو ۽ ڀريا ۾ مقابلا: 2 هاف فراءِ ٿي ويا، ان ڏس  ۾ ڪنڊياري ۾ لاکاروڊ لنڪ روڊ تي پوليس مقابلو رچائي جوابدار راشد  مري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ پستول هٿ آيو  آھي، راشد قتل ڪيس ۾ گهربل هو، هوڏانهن ڀريا سٽي پوليس  منگو لنڪ روڊ تي مقابلي ۾ منور عرف ڪدو ولد محمد ابراهيم راڄپر زخمي ٿي پيو، جنهن وٽان پستول ۽ ڦريل موٽرسائيڪل هٿ آئي