ڪنڊيارَي ۾ بيمار پيءُ کي علاج لاءِ وٺي ويندڙ نوجوان کي ڦورن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڊيارَي ۾ بيمار پيءُ کي علاج لاءِ وٺي ويندڙ نوجوان کي ڦورن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مٺي(رپورٽر ) ڪنڊيارو ٽول پلازا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٿري نوجوان راشد ٻوڙيپوٽو مارجي ويو. مقتول جو مڙھ مٺي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ پوسرڪو پهچڻ تي قهرام مچي ويو،نوجوان راشد علي ٻوڙيپوٽو پنهنجي والد کي علاج لاءِ گمبٽ اسپتال وٺي وڃي هو ته ڪنڊيارو ٽول پلازا وٽ هٿياربندن ڦُر جي ڪوشش دوران گوليون هڻي قتل ڪيو، نوجوان راشد علي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي علائقي ۾ ماحول سوڳوار بڻجي ويو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نوجوان جي والد غلام رسول ٻوڙيپوٽو چيو ته ڪنڊيارو ٽول پلازا کان ڪجهه سئو فُٽن جي مفاصلي تي ٻن هٿياربندن ڪار آڏو اچي ڦُر جي ڪوشش ڪئي ۽ 20سيڪنڊن اندر گاڏي مٿان سڌا فائر شروع ڪري ڏنا،هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊرائيور سيٽ کان پوءِ ننڊ ستل پنهنجي پُٽ راشد علي کي گوليون لڳيون جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ ڊرائيور پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيو،اسان مٺي کان علاج واسطي گمبٽ پئي وياسين اسانجي ڪنھن سان به ذاتي دشمني ناهي هٿياربندن ڦُر جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊرائيور گهٻراهٽ سبب جلدي شيشا نه کوليا جنهن جوبدارن تڪڙ ۾ فائرنگ ڪري ڏني،واقعي واري هنڌ ڪافي دير کان پوءِ ايس ايس پي ۽ پوليس جون ڪجهه موبائيلون پهتيون ۽ انهن چيو ته جوابدارن جا پيرا ۽ گولين جا کول ملي ويا آهن ۽ واقعو ڦُر جي ڪوشش جو آهي ۽ جوبدار جلد گرفتار ٿي ويندا،واقعو گذريل رات ڏيڍ کان 2وڳي جي وچ ڌاري ٿيو قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي،