| ڪنڌرا: قتل ٿيل 4 ڀائرن جو ٽيجھو: جوابدار پڪڙ ۾ نه آيا: وارثن جي پوليس تي بي اعتمادي |
ڪنڌرا (رپورٽ: فقير صالح ڪانڌڙو) ڪنڌرا ويجھو عيد جي رات بيدردي سان قتل ٿيل 4 ڀائرن مھدي حسن، اختر حسين، غلام اصغر ڌاريجو ۽ غلام اڪبر ڌاريجو جي ٽيجھي واري رسم ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي،قرآن خواني بعد خيرات ڪئي وئي، ٻي طرف مقتولن جي وارثن پوليس ڪانسٽيبل واجد علي ڌاريجي قتل ۾ نامزد مک جوابدار نادر ڌاريجو جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، وارثن پوليس مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ٽي ڏينھن گذرن باوجود ڪنڌرا پوليس ڪيس نامزد ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏھن ته جي يو آءِ ضلعي سکر جي امير مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا عبدالحميد مھر مقتول نوجوان جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي. جڏھن ته ٽيجھي واري رسم ۾ مقتول نوجوان مھدي حسن ڌاريجو ۽ اختر حسين ڌاريجو جي وڏن پٽن کي والدين جي پڳ ٻڌرائي وئي.