ڪنڌرا/ ٻٻرلوءِ (رپورٽ: محمد صالح ڪانڌڙو/ حيدر مستوئي) ڪنڌرا ويجھو ھزاري جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ وچ جهيڙي دوران قتل ٿي
ويل عورت جو لاش رکي قومي شاهراهه تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪنڌراويجهو ڳوٺ هزاري خان جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويل مسمات غلام شبيران زال معشوق جاگيراڻي جو لاش روھڙي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
جيڪي لاش واپس ڳوٺ کڻائي وڃڻ بجاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مسلسل 5 ڪلاڪ ڌرڻو لڳڻ سبب قومي شاھراهه جي ٻنهي پاسن کان هزاري گاڏيون بيھجي ويون جنهن سبب مسافر توڙي رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ پيو
ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي روهڙي منصور بوزدار ۽ ايس ايچ او ٻٻرلوءِ رفيق سومرو مقتول عورت جي وارثن سان ملاقات ڪري ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي جنهن وارثن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او ڪنڌرا علاؤ الدين کي هٽايو ويندو
انجي جاءِ تي علي بخش شر مقرر ڪرايو، 24 ڪلاڪن اندر سڀ قاتل گرفتار ڪيا ويندا، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ وارثن جا مطالبا مڃيندي ايس ايچ او علاؤ الدين ڦلپوٽو کي هٽائي سندس جي جاءِ تي علي بخش شر کي ايس ايچ او ڪنڌرا مقرر ڪري ڇڏيو
جنهن بعد وارثن قومي شاھراھ تان لاش کڻي ڪري اباڻي ڳوٺ هزاري خان جاگيراڻي ۾ کڻائي ويا. پوليس ناڪابندي ڪندي عورت جي قتل جي الزام ھيٺ آيل ٻن جوابدارن غلام شبير جاگيراڻي ۽ غلام مهدي عرف حاجي خان کي گرفتار ڪري سکر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو
ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪنڌرا پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻڻ جو سلسلو جاري آهي تمام جلد قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ھن ٻڌايو ته جيئن ئي وارث آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو