| ڪنڌرا ويجھو پراڻي تڪرار تان گهر تي ڪاهه،گوليون هڻي 4 نوجوان ڀائر قتل، هڪ زخمي |
سکر/ڪنڌرا (رپورٽ: فاروق سومرو+ صالح ڪانڌڙو)ڪنڌرا ويجھو انور پور پاڙي ۾ عيد جي رات دير سان حسن علي ڌاريجو جي گھر سميت ٻين جدا جدا ٽن پٽن جي گھرن تي ھٿيارن جي زور تي جوابدارن گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي بيدردي سان غلام اصغر ڌاريجو نصرت عرف مھدي حسن، غلام اڪبر، اختر حسين پٽ حسن علي ڌاريجو سميت 4ڀائرن کي ٿڏي تي ئي قتل ڪري سندن هڪ ڀاءُ غلام حسن کي زخمي ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل ايس ايچ او ڪنڌرا شوڪت آرائين پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن نوجوانن جا لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي نوجوان غلام حسين ڌاريجو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، قتل ٿي ويلن نوجوانن جي چاچي پوليس ڪانسٽيبل واجد علي ڌاريجو پنھنجي اخبارسان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ انور پور جي جر جو پاڻي کارو پاڻي آھي، 26 سال اڳ نادر ڌاريجو جي ڌر سان اسان جي معصوم ٻارڙن جو پاڻي اڳ ۾ ڀرڻ تان جھيڙو ٿيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ نادر واري ڌر جو ھڪ ماڻھو عبدالحفيظ پٽ احمد خان ڌاريجو لٺيون لڳڻ سبب ھفتي بعد علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ھو، جنھن اسان ڌر جي 10 ماڻھن مٿان قتل جي ايف آءِ آر ڪنڌرا ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي ھئي، جنھن ۾ منھنجو ڀاءُ 9 سال جيل ۾ ھيو، قتل واقعي جي 9 سالن بعد ڪنڌرا شھر ۾ خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ برک قانون دان ايڊووڪيٽ ارشاد احمد ڌاريجو جي سر پئنچي ھيٺ فيصلو ٿيو ھو، جنھن جا ڏنڊ ڏوھ اسان نادر واري ڌر کي ڀري ڏنا ھئا نادر ڌاريجو 26 سال اڳ ان وقت ننڍڙو ٻار ھو جيڪو ھاڻي ڪجھه ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل نوجوان کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ھيون ته توھان جي ڌر کي عيد ڪرڻ نه ڏيندس توھان سڀني کي قتل ڪندس، واقعي رات کان اڳ نادر ڌاريجو واري ڌر شام جي وقت سمورو مال ۽ ٻار ٻچا نامعلوم ھنڌ ڏانھن منتقل ڪري ويا ھئا، عيد جي رات 2 وڳي ھٿيارن جي زور تي گھرن ۾ داخل ٿي ھڪ ئي وقت 4 چئن ڀائرن کي قتل ۽ ھڪ ڀاءُ کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن ڪنڌرا ٿاڻي تي مقرر ايس ايچ او شوڪت آرائين سان ھڪ کان وڌيڪ ڀيرارابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ھن ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جڏهن ته وڏي منشي ضمير قاضي ٻڌايو اسپيشل ڊيوٽي تي ويل آھيان مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي، ھوڏانھن مقتول جي چاچي پوليس ڪانسٽيبل واجد علي ڌاريجي تصديق ڪندي چيو آھي نوجوان جي قتل واقعي جو ڪيس ڪنڌرا ٿاڻي مک جوابدار نادر ڌاريجو سميت 9 ماڻھن سميت ھڪ نامعلوم جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو پر ڪابه گرفتار نه ٿي سگهي آهي، مقتول جي چاچي پوليس ڪانسٽيبل واجد علي ڌاريجو پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪنڌرا پوليس اسان جي ھن وقت تائين ڪابه مدد ناھي ڪئي،
| اويس قادر شاهه ۽ ٻيا مقتولن جي تڏي تي پهتا، ڏک جو اظهار |
ڪنڌرا: سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ، ضلعي سکر جي صدر فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عنايت الله ٻرڙو ، مکي نامون مل، عبدالحق جاگيراڻي، محمد يوسف جاگيراڻي، ڊاڪٽر لطف ڌاريجو، سيد پرويز شاھ ،ٻڊل چنو سميت ٻين پھچي ڏک جو اظهار ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ اسميبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ قتل واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سکر کان قتل واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏھن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تڪڙا قدم کڻڻ ھدايتون جاري ڪيون آھن ھن مقتول جي وارثن کي ھرمڪمن مدد يقين ڏياريو آهي.
مهدي حسن 7 ۽ اختر حسين ڌاريجو 3 ٻارن جو پيءُ هو
ڪنڌرا: قتل ٿي ويل 4 ڀائرن مان 2 ڀائر مھدي حسن ڌاريجو کي ٽي نياڻيون 4 پٽ سميت 7 ست ٻارن جو اولاد آھي، اختر حسين ڌاريجو کي ٽي ٻارن جو اولاد آھي ٻه پٽ ۽ ھڪ نياڻي شامل آهي، جڏھن ته غلام اصغر ڌاريجو، غلام اڪبر ڌاريجو ۽ زخمي غلام حسن غير شادي شدہ آھن
ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس
ڪنڌرا: ڪنڌرا پوليس موجب مک جوابدار نادر ڌاريجو سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو آھي، جلد قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتارڪيو ويندو.
4 ڀائرن جا جنازا کڄڻ وقت ڪهرام، عيد ڏهاڙي آلين اکين سان تدفين
ڪنڌرا: مقتول نوجوانن جي جنازي نماز عيد جي ڏينهن ھڪ وڳي اباڻي قبرستان لال لطيف ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف ھزارين جي ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ھر اک آلي ھئي، سندن چاچا ڀائر ۽ ٻيا عزيز زارو قطار روئي رھيا ھئا، جنھن بعد ڀائرن کي ھڪ قطار ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهر جي سموري علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آهي.