| ڪنڌرا ۾ نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات ڪري ڇڏيو |
ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا شھر جي طوطا پور پاڙي ۾ 30ورهين جي نوجوان گڊو منگي گھر اندر بجلي جي پکي ۾ رسو ٻڌي مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان ايس ايچ او ڪنڌرا شوڪت آرائين جو چوڻ هو ته ابتدائي جاچ دوران وارثن موجب ڪجھه سال اڳ نوجوان کان سندس گھر واري طلاق وٺي ٻئي ھنڌ شادي ڪئي ھئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي، گھر واري جي طلاق وٺڻ سبب نوجوان مسلسل ڊپريشن ۽ بيروزگاري جي ڪري پريشان رھندو، جنھن ڪري ھن اھڙو انتھائي قدم کنيو آھي.