| ڪنڌرا ۾ نوجوان مبينا طور قتل، سم نالي وٽان گوليون لڳل لاش هٿ |
ڪنڌرا (ن پ ا)ڪنڌرا ويجهو سم نالي وٽان نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ ڪيو ويو،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ واھ ٻرڙو جي رھواسي 24 سالن جي نوجوان نظير احمد پٽ رفيق احمد ٻرڙو طور ڪئي وئي، جڏهن ته قتل جو ڪارڻ معمول نه ٿي سگهيو، ٻي طرف پوليس نوجوان جي قتل واقعي الزام ھيٺ جوابدار شعيب ٻرڙو جي پيءُ گل محمد عرف گلي ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب تمام جلد قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.