ڪنڌڪوٽ جا شهري بازياب نه ٿيا، بک هڙتال 6 هين ڏينهن به جاري

مَي 31, 2023

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو خاص تحرڪ نه ورتو، احتجاج جو سلسلو جاري آهي

مغوين جي آزادي لاءِ 6 ڏينهن به جماعت اسلامي جي سڏ تي گهنٽاگهر چوڪ وٽ بک هڙتال جاري رکي وئي

اڳواڻن چيو ته:اغوا ٿي ويل 3 سالا معصوم ٻار محمد عظيم ميڻڪ،2 سالن جي نينگري ڪوثر کوسو سميت 14 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس مڪمل ناڪام آهي

هنن چيو ته ضلعي ۾ امن جي صورتحال خواب بڻيل آهي، سنڌ سرڪار به هن معاملي تي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏيئي

بک هڙتال تي ويٺلن جو چوڻ هو ته مغوين کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Leave A Comment