ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل، 11 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي
جماعت اسلامي جي سڏ تي بک هڙتال ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي
اڳواڻن چيو ته پوليس معصوم محمد عظيم، ڪوثر، واجب علي ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪي ڪوششون ه پئي ڪئي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي
بک هڙتال تي ويٺلن جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي پر پوليس صرف ٺلها آسرا ڏئي چپ رهڻ لاءِ چئي رهي آهي
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿي ويلن کي فوري بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو