قمبر(رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان مهينو اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل قمبر جي ڳوٺ ميڻا جو رهواسي پورهيت يوسف گراماڻي چانڊيو بازياب ٿي گهر پهچي ويو آھي
مغوي پورهيت جي ڀاءُ يونس گراماڻي جو چوڻ آھي ته منهنجو ڀاء فيصل آباد ۾ مل ۾ مزدوري ڪندو هو مهينو اڳ ڳوٺ اچي رهيو هو ته ڪشمور ڀرسان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا سندس بازيابي لاءِ ڌاڙيلن طرفان 40 لک روپيا ڀنگ گهريو ويو هو
هن چيو ته اسان غريب هئڻ ڪري ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ قرآن پاڪ به گهمايو هو جنهن بعد ڌاڙيلن منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي
ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته مغوي 4 لک روپيا ڀنگ ڀرڻ بعد آزاد ٿيو آھي مغوي جي وارثن طرفان برادري جي ماڻھن کان چندو ڪري ڌاڙيلن کي چار لک ڏنا ويا جنهن بعد بازيابي عمل ۾ آئي آھي
هوڏانهن مغوي جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي جڏهن ته امڙ پٽ کي ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺي