ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ٻه مغوي آزاد، راڄوڻي جا اطلاع، مقابلي جي دعويٰ

آگسٽ 27, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ پوليس جون ڪچي واري علائقن ۾ ڌار ڌار ڪاروايون، 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ پوليس دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي مغوي آصف ڪنڀر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس موجب جاگيراڻي گينگ جي ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن هلندڙ آهي پوليس آپريشن ۾ جاگيراڻي گينگ کان مغوي آصف ڪنڀر کي بازياب ڪرايو ويو آهي

وليس موجب ڏوهارين پاران 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز سان هرکائي نوجوان آصف ڪنڀر کي اغوا ڪيو هو

پوليس موجب پوليس ڏوهارين جي ٿاڪن تائين پهچي مغوي آصف ڪنڀر کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرايو ويو

ڏوهاري پنهنجا ٿاڪ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، پوليس ڪچي جي علائقي کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

جڏهن ته پوليس پاران گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري اغوا ٿي ويل نوجوان ظفر گولو کي به بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 پوليس موجب اسپيشل ٽيم گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي، پوليس موجب اطلاع مليو ته ڏوهاري نوجوان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪن ٿا، پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو ۽ ڏوهاري مغوي نوجوان کي ڇڏي فرار ٿي ويا

پوليس جو ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ آهي، ذريعن موجب مغوين جي بازيابي راڄوڻي عيوض ٿي آهي

Leave A Comment