ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن: ڌاڙيلن جي ڀيو گينگ جو سربراهه امداد عرف اِمدُو ڀيو مارجي ويو
جُولاءِ 6, 2024
ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر واري ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ڀيو گينگ جو سربراهه امداد عرف اِمدُو ڀيو مارجي ويو، پوليس موجب امداد عرف اِمدُو ڀيو ددڙ پوليس چوڪي تي حملو ڪري 2 اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ گينگ جو سربراهه هو، دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن دوران اِمدُو ڀيو جو هڪ ساٿي ڏوهاري به مارجي ويو ۽ 4 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن دوران ٻئي ڌاڙيل مارجي ويا، پوليس ۽ رينجرز پاران ڪانواءِ جي صورت ۾ ڌاڙيل اِمدُو ڀيو جو لاش سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو، بدنام ڌاڙيل کي ماريندڙ پوليس ۽ رينجرز ٽيم جي شهرين پاران گهنٽا گهر چوڪ کان سول اسپتال تائين پرجوش آجيان ۽ گلن جي ورکا، ايس ايس پي بشير بروهي چيو ته ڌاڙيل امداد عرف اِمدُو جو مارجي وڃڻ وڏي ڪاميابي آهي، اڄ هڪ ظالم جو خاتمو ٿيو آهي ۽ شهرين جي دلين ۾ ويٺل دهشت به ختم ٿي آهي، امداد ڀيو 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو، ٻين ڌاڙيلن جو حشر به اِمدُو ڀيو جهڙو ٿيندو، مارجي ويل ڌاڙيل تي هڪ ڪروڙ روپيا انعام رکيل هو