ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽي پيو: عورتن ۽ ٻارڙن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڀاتي حياتي وڃائي ويٺا

سيپٽمبر 27, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڀاتي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا

 ڳوٺ بگي سبزوئي ۾ ٻار رستي تان هٿ آيل راڪيٽ جو گولو گهر کڻي آيا، ماستر علي نواز سبزوئي  جي گهر ۾ گولو ڦاٽي پوڻ سبب ٻارن ۽ عورتن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا

فوتين ۾ اياز، نياز، راشد محمود، حنيفه ۽ ٻيا شامل آهن، اطلاع تي پوليس پهچي وئي، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ طلب ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو

ايس ايس پي روحل کوسو واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي روحل کوسو چيو ته ٻارڙا هٿ آيل راڪيٽ لانچر جي گولي سان کيڏي رهيا هئا ته اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو

سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته ڦاٽي پيل آر پي جي راڪيٽ ساوند سبزوئي تڪرار دوران مس فائر  ٿيو هوندو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزير  مقبول باقر ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب  هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڀاتي فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

نگران وڏي وزير چيو آهي ته راڪيٽ  جو گولو ڪچي جي ڳوٺ ۾ ڪيئن پهتو، ڇا هٿيارن جي کيپ ڪچي ۾ اسمگل ٿي رهي هئي؟ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي

Leave A Comment