ڪنڌڪوٽ: جکراڻي برادري پاران گل خان ڀيو جي قتل جي ساک ڏيڻ بعد ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو
فيبروري 5, 2024
ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (رپورٽ: عمران علي کوسو/ ظفر ڀيو) 7 سال اڳ قتل ٿي ويل ڀيو برادري جي معزز شخصيت گل خان ڀيو جي معاملي جو قسم ساک تي بجاراڻي برادري سان ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي برادرين ۾ ٺاهه بابل ڀيو ڪرايو
ٺاهه ۾شڪ جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي صوبائي وزير پ پ اميدوار شبير بجاراڻي، اڳوڻو ايم پي اي پ پ اميدوار محبوب بجاراڻي، راجا غوث بخش بجاراڻي جڏهن ته مقتول گل خان ڀيو جي وارثن ۾ پٽ فاروق ڀيو، ڀاءَ نور احمد ڀيو، ظفر ڀيو ۽ ٻيا وارث موجود هئا
مقتول گل خان ڀيو جي وارثن طرفان بابل ڀيو شڪ جي الزام هيٺ آيل ڌر شبير بجاراڻي ۽ راجا غوث بخش بجاراڻي کي قرآن تي ساک تي ڏني
اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ راجا غوث بخش بجاراڻي قرآن پاڪ تي هٿ رکي چيو ته اسين گل خان ڀيو جي قتل ۾ ملوث ناهيون، 100 سال تائين به اسان مٿان قتل جو الزام ثابت ٿيو ته اسين هر حساب سان فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون
قسم ساک تي معاملي جي نيت پت ٿيڻ بعد ڀيا بجاراڻي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ٺاهه کان اڳ ظفر ڀيو بجاراڻي برادري سان صلح کان اڳ ڳوٺ گل خان ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ماڻهن کي گهرائي ٺاهه بابت رايو ورتو
ڀيا برادري جي ماڻهن فيصلو ظفر ڀيو ۽ مقتول گل خان ڀيو جي پٽ فاروق ڀيو مٿان ڇڏيو اهڙي راءِ بعد بجاراڻي ڌر کي صلح لاءِ گل خان ڀيو ڳوٺ ۾ گهرايو ويو هو