ڪنڌڪوٽ ضلعو مغويستان بڻجي ويو، ٻارن سوڌو 35 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ باندي

جُون 27, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ ضلعو مغويستان بڻجي ويو، ٻارن سوڌو 35 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ باندي، رهواسي خوف ۾ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن

ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئي ديپ ڪمار، معصوم عظيم ميڻڪ، معصوم فرحان سومرو، پورھيت موتي لال، نندلال، وڪيل مزار خان گولو سندس معصوم ڀائيٽو واجد گولو سميت اٽڪل 35 کان وڌيڪ مغوي ڏوھارين جي قيد ۾ آهن جن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي

 مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي اندر امن لاءِ ڪنڌڪوٽ ھندو پنچائت ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي سوين شھرين سيٺ نندلال، ڊاڪٽر ميھر چند، حاجي حضوربخش مغل، رياض ڏاھاڻي، گھنشام داس گيھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي

مظاھرين امن ڏيو ۽ تحفظ ڏيو جا نعرا هڻندا رهيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي اندر حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن جو اسان ڪاروبار به نٿا ڪري سگهون، اسان جي ماڻھن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي، اهي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن

اڳواڻن چيو ته پوليس پاڻ غير محفوظ بڻيل آهي، ايم پي ايز، ايم اين اي به خاموش آهن، اھي صرف ووٺ وٺڻ مھل ايندا آهن، فوج ۽ رينجرز جو ڪچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي، هڪ مهيني کان احتجاج باوجود مغوين کي آزاد ناهي ڪرايو ويو، اسان کي روڊ رستا نٿا کپن، بس سک سان جيئڻ ڏنو وڃي

Leave A Comment