ڪنڌڪوٽ: رپورٽ لياقت علي کوسو) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويندو، ايس ايس پي عرفان سمون کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن فوج نه پر پوليس ئي ڪندي، بيڪ اپ لاءِ رينجرز موجود هوندي، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ امن ٿي چڪو آهي، ڪشمور ضلعي ۾ به جلد امن قائم ٿيندو، ٿورو صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعو هر طرح سان قرباني ڏئي رهيو آهي، هتي ماڻهن کي گهرائي اغوا ڪيو ويندو، آهي پر هاڻي اسان ان ڪاروبار تي ضابطو آندو آهي، آءِ جي سنڌ چيو ته ڏوهاري ٻاهر نڪرندا ته اسان انهن کي آساني سان هدف بڻائينداسين، ڏوهاري پوليس تي پريشر ڏئي پنهنجا معاملا مڃرائڻ چاهين ٿا جن ۾ هو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن
آءِ جي سنڌ چيو ته فوج جتي به وئي آهي ته اتي معاملا هٿن کان نڪريل هوندا آهن، فوج اسان کي ٽرينگ ڏئي تيار ڪندي آهي، هي آپريشن پوليس ئي ڪندي ۽ بهتر پرفارمنس ڏيندي، رينجرز جو جيڪو رول آهي بيڪ اپ ۾ پوليس سپورٽ آهي، اها اوهان جلد ئي ضلعي ڪشمور ۾ ڏسندا
آءِ جي سنڌ چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون کي اسان مڪمل فري هينڊ ڇڏيو آهي، ايترا فري هينڊ ته اسان پاڻ به نه هئاسين، هڪڙو ايس ايڇ او به آءِ جي سنڌ جي چوڻ تي ناهي لڳل سڀ ايس ايڇ او ايس ايس پي عرفان سمون پاڻ ئي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ڪندو آهي
گهوٽڪي پوليس شهادتون ڏئي ضلعي جي امن و امان کي بهتر بڻايو آهي، جيڪي ڌاڙيل ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مقابلن ۾ ماريا آهن اهي پوليس ئي مقابلا ڪيا آهن ڌاڙيلن کي پنهنجي منتقي انجام تائين پهچايو آهي
آءِ جي سنڌ چيو ته وڏيرا پوليس جي معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا ته ان جي باري ۾ مون کي ڪا ڄاڻ اڃا تائين ناهي ملي، اهو تاثر غلط آهي جو ضلعي ڪشمور ۾ هڪ ماڻهو ڪم ڪري ٿو، ايس ايس پي ڪشمور کي چيو آهي ته اوهان پنهنجي ٽيم ٺاهيو جيڪو هي شيون گهرندو ٽيم گهرندو اسان ان کي مهيا ڪنداسين