ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي 50 ڪروڙ 32 لک 950 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، 2 لک 43803 رپيا بچت ڄاڻائي وئي آهي
ضلعي چيئرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين الطاف کوسو جي موجودگي ۾ بجيٽ اجلاس ٿيو، 50 ڪروڙ 32 لک 950 رپيا آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو، 50 ڪروڙ 29 لک 64 هزار 127 رپيا خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جڏهن ته 2 لک 43 هزار 803 رپيا بچت آهي
قدرتي آفتن لاءِ 60 لک، ترقياتي ڪمن لاءِ 17 ڪروڙ، صحت لاءِ 10 لک، اسڪالر شپ لاءِ 30 لک، جاري ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ 11 لک 50 هزار 278 رپيا، سلائي مشينن ۽ نلڪن لاءِ 40 لک رپيا ۽ پريس ڪلب لاءِ 10 لک رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن، پيش ڪيل بجٽ ۾ مختلف ميمبر پاران بحث ڪرڻ بعد اڪثريت راءِ سان بجيٽ منظور ڪئي وئي