ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ موڪليل 300 اهلڪار ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائڻ بدران ويزا تي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪمن تي ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ 350 اهلڪار مختلف ضلعن مان موڪليا ويا هئا
اهي پوليس اهلڪار ڪچي ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ ويزا تي روانا ٿي ويا آهن، ذريعن ٻڌايو ته ڪچي ۾ مختلف ضلعن مان آيل 350 پوليس اهلڪارن مان صرف 50 اهلڪار ڊيوٽيون ڪن ٿا
ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي امن و امان جي خراب صورتحال تي ايس ايس پي عرفان سمون پاران آءِ جي سنڌ کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن گهريا ويا هئا
اهلڪارن جي ويزا تي وڃڻ واري معاملي جو هن مهل تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي نه وري اهڙي معاملي جي ڪا انڪوائري شروع ٿي آهي
ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تي مقرر 230 اهلڪار غائب، شهر گشت به بند ٿي چڪو
ذريعن موجب ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڪاغذي ڪاروائي ۾ لڳ ڀڳ 2850 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن، جن مان صرف ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جي تعميراتي ڪم دوران 230 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا پر زميني حقيقتن ۾ 230 پوليس اهلڪار ظاهر نه ٿيا
ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل تي ڪم ڪندڙ 3 ملازمن کي ڌاڙيل آساني سان اغوا ڪري ويا هئا جيڪي هيل تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن
ٺيڪيدار، انجنيئر، ۽ عملو سڪيورٽي نه ملڻ ڪري ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جو ڪم بند ڪري هليا ويا
جڏهن ته پوري شهر ۾ سوين مقرر پوليس اهلڪارن جو به ڪو پتو نه ٿو پوي، رات ۽ صبح جو شهر ۾ پوليس اهلڪار گشت ڪندي به نظر نٿا اچن
پوليس پئٽرولنگ ختم ٿي چڪي آهي جنهن سبب شهرن ۾ بدامني وڏي پئماني تي وڌي وئي آهي ۽ شهري پاڻ غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن