ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار: پيٽرول پمپ تي حملو: ملازم اغوا

جُون 1, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ لياقت علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار آهي ، ڌاڙيلن پيٽرول پمپ تي حملو ڪري فائرنگ بعد هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا

خير شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن پئٽرول پمپ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني  گوليون وسائي پئٽرول پمپ جو نقصان ڪيو ويو

فائرنگ بعد هٿياربندن پئٽرول پمپ تي هلان ڪري هڪ ڄڻي عبدالنبي کوسو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته پمپ تي هيلپري ڪندڙ سڪندر کي هٿياربندن پمپ کان پري 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اکيون پير پڌي اڇلائي ويا

هي به پڙهندا

ان سلسلي ۾ متاثرين جو چوڻ هو ته خيرشاهه روڊ سان قائم پئٽرول پمپ تي هٿياربندن پئٽرول پئمپ مٿان فائرنگ ڪرڻ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويو

 ان واقعي تي متاثرن جو چوڻ هو ته هٿياربندن پئٽرول پمپ تي هيلپري جو ڪم ڪندڙ عبدالنبي کوسو کي اغوا ڪري ويا ۽ سڪندر کي رستي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا

هنن چيو ته هٿياربندن سڄو سسٽم   تيل واري ٽانگي  يونٽ سولر سسٽم مشينري ۽ سندس قيمتي سامان بيٽريون پينل وغيره ناڪاره بڻائي روڪ  رقم ڦر ڪيا ويا

نياڻي نازيا کوسو ۽ سندس معصوم 2 سالا ڌي ڪوثر  کوسو کي اغوا ڪندڙ گروھ پئٽرول پمپ تي فائرنگ ڪئي آهي

متاثرن چيو ته بنگوار برادري جي هٿياربندن حملو ڪري پئٽرول پمپ ۽ عطاءُ الله کوسو جي گهر مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.اڳ ۾ به هٿياربند اسان جي عورت نازيا کوسو ۽ معصوم نينگري ڪوثر کوسو کي اغوا ڪري ويا ۽ هاڻي وري پمپ ۽ گهر تي حملو ڪيو ويو اسان سان انصاف ڪيو وڃي

هوڏانهن پوليس کي اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي

Leave A Comment