ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ مان 10 مهينا اڳ 4 سالن جي نياڻي ڪوثر سوڌو اغوا ٿيل عورت نازيه کوسو جي بازيابي لاءِ پيدل مارچ ڪيو ويو
عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي نڪتل پيدل مارچ ڪنڌڪوٽ پهچي ويو، مارچ ۾ نازيه کوسو جا وارث، سول سوسائٽي جا اڳواڻ ۽ شهري به شامل هئا
مظاهرين چيو ته نازيه کوسو اغوا ٿيڻ وقت ڳورهاري هئي ۽ هن ڌاڙيلن وٽ قيد دوران ٻار کي به جنم ڏنو آهي، ٽنهي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سرڪار توڙي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي
اڳواڻن نازيه کوسو کي سندس ٻنهي ٻارن سميت جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ وڏي احتجاج ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني آهي