ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل مغوي پيءُ پٽ جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن ڏانهن فون ڪال ذريعي 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.
ڌاڙيلن مغوي رياض بهلڪاڻي جي موبائيل فون تان سندس چاچي دادن بهلڪاڻي ڏانهن فون ڪال ڪري ڀنگ طلب ڪيو
مغوين کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ڌمڪي ڏني آهي ته 50 لک ڀنگ ڏيو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنهي مغوين کي ماري ڇڏينداسين
دادن بهلڪاڻي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آهيون ايترا پئسا ڪٿان کان آڻيون ڀل مغوين کي ماري ڇڏيو