ڪنڌڪوٽ: مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش رکي ڪورٽ آڏو ڌرڻو: قتل جا الزام

ڪنڌڪوٽ: مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش رکي ڪورٽ آڏو ڌرڻو: قتل جا الزام

ڪنڌڪوٽ/ڪرمپور(نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان چولياڻي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پيراڻو چولياڻي جي وارثن سيشن ڪورٽ سامهون لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، مارجي ويل جي وارثن زادي خاتون.گوهر خاتون.جوري خاتون. احسان.طفيل.ظهور.شبير.رهزنگ چولياڻي سميت ٻين چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو آهي.هنن چيو ته مقتول پنهنجي زمين تي ڪڻڪ کي ڀاڻ ڏئي رهيو هو ته هن کي پوليس بغير ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪيو آهي.هنن جو چوڻ هو ته اسان شريف آهيون اسان مٿان ڪوبه ڪيس داخل ٿيل ناهي خبر ناهي پوليس ڪنهن جي چوڻ تي اسان مٿان اهڙو ظلم ڪيو آهي، مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي،  ٻي طرف ڪرمپور ويجهو جمال واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل پيراڻو چولياڻي سميت پنج ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪرمپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي پيراڻو چولياڻي ۽ چار اڻسڃاتل جوابدارن مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري ٽولي جو ڳجهو اطلاع مليو جنهن بعد پوليس پارٽي ڄاڻايل هنڌ تي پهتي ته پنج ڏوهاري بيٺل هئا پوليس پهچڻ تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو ساٿين جون گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ جوابدار پيراڻو چولياڻي مارجي ويو، سندس چار ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هوڏانهن مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڏوهاري نه هو هن جو پنهنجي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو پوليس ناحق ۾ رستي کيس قتل ڪيو آهي.