ڪنڌڪوٽ: نازيا کوسو ۽ سندس ڌيءُ جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار

آڪٽوبر 2, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس نازيا کوسو ۽ سندس ڌيءُ جي اغوا ۾ ملوث جوابدار ارصلاح بنگوار کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي اغوا ۾ ملوث جوابدار ارصلاح بنگوار کي بجار واهه ويجهو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 پوليس موجب ارصلاح بنگوار عورت نازيا کوسو ۽ ٻارڙي ڪوثر کوسو جي اغوا ۾ ملوث آهي، پوليس موجب ڪامياب ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو

 پوليس موجب جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment