ڪنڌڪوٽ: نازيا کوسو ۽ معصوم نياڻي ڪوثر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڊسمبر 14, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران 10 مهينا اڳ اغوا ٿيل نازيه کوسو ۽ سندس نياڻي ڪوثر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب نازيه ۽ ڪوثر کي ڪچي جي علائقي ۾ ڪارروائي دوران بازياب ڪرايو ويو، پوليس پاران جاري ڪيل تصوير ۾ نازيه کوسو پنهنجي نياڻي ڪوثر سان گڏ نظر اچي رهي آهي

هٿياربندن پاران اغوا ڪرڻ وقت نازيه کوسو ڳورهاري هئي، نازه کوسو ۽ سندس نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ زبردست احتجاجي تحريڪ هلائيندي ڌرڻا ۽ لانگ مارچ به ڪيا ويا هئا، گذريل ڏينهن به سندن بازيابي لاءِ پيدل مارچ ڪيو ويو هو

Leave A Comment