| ڪنڌڪوٽ واسي مبينا اغوا ٿيل ڊاڪٽر جو پتو نه پئجي سگهيو |
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مبينا اغوا ٿي ويل ڊاڪٽر شهباز نظير کوسي جو پتو نه پئجي سگهيو، ڊاڪٽر جي وارثن والد نظير احمد،امڙ روشن آرا ۽ ڀاءُ آصف کوسو جو چوڻ هوته ڊاڪٽر شهباز نظير کوسو کي رستي مان اغوا ڪيو ويو،ڊاڪٽر حيدرآباد مان ڪوچ تي گهر طرف نڪتو ته ڌاڙيلن ڪوچ بيهاري قمبر-شهدادڪوٽ وٽان ان کي اغوا ڪري ويا، پوليس مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شهباز نظير کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي.