ڪنڌڪوٽ ويجهو بارودي سرنگهه ڦاٽي پئي: معصوم ٻارڙي فوت: علائقي ۾ خوف ۽ هراس

جُون 10, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ آر ڊي 109 ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏاتا جکراڻي ۾ زمين ۾ پوريل بارودي سرنگه جو ڌماڪو ٿيڻ سبب معصوم ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا

بارودي سرنگه جي ڌماڪي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي صغره ڌي وقار جکراڻي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته 2 ٻارڙا عرضت خاتون ڌي غلام حيدر ۽ هيبت ولد گلاب جکراڻي زخمي ٿي پيا

وارث زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت سان اسپتال منتقل ڪيو جتان ڊاڪٽرن پاران ٻارڙن جي حالت غير ٻڌائي وئي آهي

ڌماڪي سبب معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ ۽ زخمين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو,حد جي پوليس کي اطلاع ملڻ بعد پوليس جاءِ واردات تي پهچي تفصيل ورتا

هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته سرنگه ڌماڪو جکراڻي بگٽي تڪرار تان پيش آيو,ڪجه عرصي کان جکراڻي بگٽي پراڻي تڪرار هلندڙ آهي ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو آهي

Leave A Comment