ڪنڌڪوٽ ويجهو هٿياربند 3 چوڪيدار اغوا ڪري ويا
مَي 13, 2023
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو 3 چوڪيدار مبينا طور اغوا ٿي ويا. تفصيل موجب چمني واري علائقي ۾ هٿياربند ڌاڙيل مڇي فارم تي ستل ڳوٺ صيفل ميراڻي جي رهواسي فيصل ، علي جان ۽ عرفان علي ميراڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن جو وڏو انگ مڇي فارم تي پهچي ويو، مغوين جا وارث ۽ ڳوٺاڻا ڌاڙيلن جا پيرا کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا آهن جڏهن ته مقامي پوليس کي پڻ اطلاع ڪيو ويو آهي.