ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ ۾ 2 معصوم ٻارڙا گهرن ڀرسان وهندڙ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن
ڳوٺ ھوران خان کوسو واسي 7 ورھين جي شڪيلا ڌيءُ زاھد گولاٽو ۽ 6 ورھين جو محمد مقيم پٽ لقمان گولاٽو واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا
اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ٻارڙن جا لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا جٿي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي
معصوم ٻارڙن جا لاش پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته ٻارڙن جون مائرون اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيون هيون