| ڪنڌڪوٽ ويجھو مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾گرفتار |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ون فائي انچارج ۽ سندس ٽيم آئيڊيل موڙ وٽ معمول موجب گشت تي هئي ته ڏوه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند مصور مغل زخمي ٿي پيو جنهن کان پوليس هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون.پوليس موجب زخمي هٿياربند کي علاج لاء سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب زخمي هٿياربند ڦرلٽ وارداتن سميت مختلف قسمن جي سگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث هو جنهن مٿان ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن تي 6 ڪيس داخل ٿيل هئا.پوليس موجب زخمي هٿياربند جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ويا جن جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.ذريعن موجب پوليس گرفتار ٿيل مبيبا هٿياربند کي هاف فراء ڪري ڇڏيو.