ڪنڌڪوٽ پوليس جوابدار هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ پوليس جوابدار هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا پوليس مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، پوليس موجب ڊگري ڪاليج روڊ سان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران جوابدار عبدالوحيد شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، پوليس موجب جوابدار خلاف 5 ڪيس داخل ٿيل آهن.  هوڏانهن ذريعن موجب پوليس عبدالوحيد شيخ کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪري ڇڏيو.