ڪنڌڪوٽ پوليس لاءِ اڃا به ٽن ٻارڙن جي بازيابي چيلنج بڻيل

مَي 29, 2023

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ٽن ٻارڙن جي بازيابي پوليس لاءِ اڃا به چيلنج بڻيل آهي، معصومن جا گهر ڀاتي سڪتي ۾ ورتل آهن

ٽن ورهين جو محمد عظيم، 10 ورهين جو واجب علي گولو ۽ ٻن ورهين جي ٻارڙي ڪوثر کوسو  کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي

هي به پڙهندا

ٽن ورهين جي ٻارڙي محمد عظيم ميڻڪ کي رسالدار واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ گهر ٻاهريان اغوا ڪيو ويو هو

10 ورهين جي واجب علي گولو کي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا

معصوم نينگري ڪوثر کوسو کي 5 مهينا اڳ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تان امڙ نازيا کوسو سميت اغوا ڪيو ويو هو

پوليس پارران ٻارڙن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ڪوششون نه ڪرڻ تيَ هنن جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي

ٻارڙن سميت 14 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ آهن جن جي بازيابي پوليس لاءِ امتحان بڻيل آهي

Leave A Comment