ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهو بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، شهري روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو ڪري نعرا هنيا
ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ۽ سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ شھري اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ھٿن ۾ اڇا جھنڊا کڻي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڊاڪٽر ميھر چند، حاجي حضوربخش مغل، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، عبدالفتاح مغل، اشوڪ ڪمار، انجنيئر لال موٽواڻي ۽ ٻين چيو ته امن امان تباهه ٿيل آھي اغوا جي وارداتن سبب شھري خوف ۾ آھن
هنن چيو ته پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آھي، روزاني جي بنياد تي اغوا جون وارداتون معمول بڻجي ويون آھن، مغوي مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار، آديش ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي رھي آھي
مظاھرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي