ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ تعلقه ڪنڌڪوٽ جي صدر ڏاڏو جکراڻي کي پوليس چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي
پ پ عهديدار جي ڀاءَ محبوب جکراڻي موجب سندس ڀاءُ شهر ۾ هوٽل تي ويٺو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري وئي
هن چيو ته ڀاءُ کي پوليس مخالفن جي چوڻ تي بيگناهه گرفتار ڪيو آهي،ڏاڏو جکراڻي جو ڪو به ڏوهه ناهي، کيس مخالفن جي چوڻ تي تنگ ڪيو پيو وڃي، هن ڀاءُ جي آزادي جو مطالبو ڪيو
هواڏنهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ عهديدار کي هڪ چوري معاملي ۾ جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي پر پوليس ان جي تصديق ناهي ڪئي