ڪنڌڪوٽ پوليس 40 لک ڀنگ وٺڻ باوجود 2 مغوي بازياب نه ڪرايا

آگسٽ 28, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) اڍائي مهينا اڳ اغوا ٿي ويل مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم ٻارڙو جئديپ ڪمار اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي

 گذريل ڏينهن مغوي مکي جگديش جي ڌاڙيلن پاران تشدد واري وڊيو وائرل ڪرڻ بعد کيس ڏاڏي ۽ گهر واري کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا

مغوين جي وارث آڪاش ڪمار جو چوڻ هو ته مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم ٻارڙو جئديپ ڪمار جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن ڀنگ گهريو، وچ ۾ پيل ماڻهو کي 40 لک ڏئي چڪا آهيون پر ڌاڙيل چون ٿا ته اسان کي اهي پئسا ناهن مليا

 مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسين 40 لک ڀنگ جا پئسا پوليس کي ڏنا، جن مغوين کي جلد آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اڍائي مهينا گذري چڪا آهن، اڃا تائين مغوي بازياب ناهن ٿيا

 هن چيو ته 40 لک ڏيڻ باوجود ڌاڙيل روزانو مغوي تي تشدد واري وڊيو وائرل ڪري اسان کي روز ماري رهيا آهن، ڌاڙيلن کي الله جا واسطا ڏيون ٿا، اسان تي رحم کائي مغوين کي ڇڏيو وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوين جي وارثن هڪ ايس ايچ او کي ڀنگ جي رقم حوالي ڪئي، جنهن اها رقم وارثن موجب ڌاڙيلن تائين پهچائڻ بدران پاڻ ڦٻائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڌاڙيلن چوڻ پيا ته اها رقم کين ناهي ملي

Leave A Comment