ڪنڌڪوٽ ڀرسان ريل جون 4 بوگيون لهي ويون
جُون 13, 2025
ڪنڌڪوٽ (پنهنجي ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان پشاور کان ڪراچي ويندڙخوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ريل پٽڙي تان لهي وڃڻ ڪري ريلوي ٽريڪ بند ٿي ويو، جڏهن ته حادثي دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، ان موقعي تي ريلوي اختيارين جو چوڻ هو ته خوشحال خان ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي لهي ويون آهن، مرمتي ڪم جاري آهي، واقعي سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، ٻئي طرف ٽرين جون بوگيون لهي وڃڻ ڪري توڙي ريلوي اسٽيشن تي سهولتون نه هجڻ توڙي سخت گرميءَ سبب مسافر سخت پريشاني جو شڪار آهن.