ڪنڌڪوٽ ڀرسان عيد ڏينهن به ڳوٺاڻو قتل
جُون 7, 2025
ڪنڌڪوٽ(پنهنجي ڊيسڪ)ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ جھان خان ڀنگوار ۾ پراڻي تڪرار تان ڳوٺاڻو قتل ٿي ويو، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھان خان ڀنگوار ۾ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مظفر ڀنگوار ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته بابو ڀنگوار زخمي ٿي پيو