ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو ايس ايچ او گل محمد مهر بازياب ٿي ويو ايس ايچ او ۽ سندس ساٿين کي راڄوڻي ذريعي بازيابي بعد ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان علي سمون جي حوالي ڪيو ويو
ذريعن موجب ايس ايچ او گل محمد سرڪاري هٿيار ۽ پنهنجي زاتي گاڏي سميت آزاد ٿيو
ايس ايس پي عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته پوليس پريشر ۽ مسلسل ڳڙهي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن بعد ڏوهارين پوليس پريشر سبب مغوي ايس ايڇ او ۽ سندس ساٿين کي ڇڏي ويا
ڳڙهي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻين مغوين جي بازيابي لاء آپريشن جاري رهندو:ايس ايس پي عرفان علي سمون