ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعو اغوا انڊسٽري بڻيل، تنگواڻي مان چاچو ڀائيٽو اغوا، ڌرڻو
جنوري 16, 2025
تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حيات کوسو مان چاچو گل حسن کوسو پنھنجي ڀائٽي مورزادو کوسو سميت نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو، اناج جي ديري تي چوڪيداري لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ ستل ٻنھين پورھيتن کي وارثن صبح جو سنڀاريو ته ٻنھين ڄڻن جا ھنڌ بسترا خالي ۽ چپل لٺ ۽ ٽارچ لائيٽ مليا ۽ نوجوانن کي گھيلڻ جا نشان مليا، آهن ، پيرا مين روڊ ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي کان بعد نه مليي سگهيا آهن، جتي وارثن اعظم کوسو،عبدالرشيد کوسو، فيروز کوسو پاران ٽائر ساڙي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايس ايچ او تنگواڻي مولا بخش بگٽي پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري 3 ڏينھن جي مھلت بعد روڊ کولرايو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، تعلقي اندر مغوين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو،مغوين ۾ امان الله پھوڙ،محمد نواز پھوڙ،لياقت علي بھلڪاڻي،شڪيل بھلڪاڻي ۽ ٻيا شامل آھن، وارثن پاران جلد مغوين جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.
ڄام نواز علي ڀرسان ڪار سوار هٿياربندن هٿان ماستر اغوا
ڄام نواز علي (ن پ ا ) ڄام نواز علي ٿاڻي جي حد درگاهه مصري شاهه وٽان 4 هٿياربند ڊيوٽي تان واپس موٽرسائيڪل تي ڳوٺ گل حسن ڪلوئي ويندڙ استاد ريجهو مل ميگهواڙ کي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا، مغوي جي موٽرسائيڪل واقعي واري هنڌ تان هٿ آئي آهي، ان سلسلي ۾ ماستر جي ڀاءُ محبت ميگهواڙ ڄام نواز علي ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪر ائي، جڏهن ته وارثن پ پ ايم پي اي ڄام شبير سان ڄام هائوس ۾ ملاقات ڪري واقعي بابت آگاهي ڏني ۽ مدد طلب ڪئي، مغوي ماستر جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، ڀاءُ کي بنا جواز اغوا ڪيو ويو.
غوثپور ويجهو گم ٿيل نوجوان جي اغوا جي تصديق
غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ ھڪ ھفتو اڳ پنھنجي مرشد ڌڻي ڏنو شاه جي فوتگي تي عذرخواهي کان پوءِ واپس گھوٽڪي طرف ڪچي واري رستي سان وڃڻ دوران اڌ رستي مان پراسرار نموني گم ڄاڻايل گھوٽڪي واسي الله وسايو گھوٽو جي وارثن پاران سندس جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، مليل ڄاڻ موجب مبينا اغوا ٿيل چاليھ ورھين جو الله وسايو گھوٽو ھڪ ھفتو اڳ غوثپور ۾ پنھنجي مرشد سيد ڌڻي ڏنو شاھ جيلاني جي فوتگي تي عذر خواھي لا۽ آيو ھيو عذرخواهي بعد ھو غوثپور مان گھوٽڪي طرف ڪچي واري رستي سان روانو ٿي ويو جيڪو ڳوٺ نه پھتو جنھن بعد نوجوان جي وارثن پاران گھوٽڪي ٿاڻي تي اطلاع ڪري نوجوان جي ڳولا شروع ڪئي وئي اڄ ھڪ ھفتي بعد گم ڄاڻايل نوجوان جي وارثن پاران سندس جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي انھي سلسلي ۾ مغوي جي وارثن پاران رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو ھمراھ غوثپور ۾ پنھنجي مرشد جي عذرخواهي ڪرڻ بعد واپس اچي رھيو ھو ته اڌ رستي ۾ کيس ھٿياربند اغوا ڪري ويا آهن متاثرن پاران ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان نوجوان کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ پاران ٻڌايو ويو آهي ته غوثپور ۾ عذرخواهي لاء آيل نوجوان غوثپور مان عذرخواهي ڪرڻ بعد واپس گھوٽڪي طرف روانو ٿي ويو جڏھن ته ھو ڪشمور ضلعي جي حدن مان اغوا ناھي ٿيو، وڌيڪ پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي.