ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ٺهڻ کان اڳ ڊهڻ شروع: گاڊر ڪري پيو !

ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ٺهڻ کان اڳ ڊهڻ شروع: گاڊر ڪري پيو !

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تي لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ ايندڙ گاڊر ڪري پيو، علائقي واسين ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جي ڪم کي ناقص قرار ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان علائقي واسين عبدالقدوس چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پل تي ڪم صحيح نه پيو هلي، ڪروڙين رپين سان تيار ٿيندڙ في گاڊر بغير ڪنهن وزن جي ڪري پيو، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ناقص ڪم جو نوٽيس ورتو وڃي، علائقي واسين جو چوڻ هو ته پل ٺهڻ کان پهريان ئي ڊهڻ لڳي آهي.