ڪنڌڪوٽ مان ڌاڙيل ٻين علائقن ڏانهن منتقل؟ دادو جي ڪچي ۾ آپريشن
جُولاءِ 14, 2023
ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آپريشن سبب ڌاڙيل دادو جي ڪچي ڏانهن منتقل ٿيڻ جو خدشو، دادو ضلعي جي ڪچي ۾ به سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي
پوليس موجب ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت اتر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ جاري آپريشن سبب ڌاڙيل ڀر وارن ضلعن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن ڪري دادو جي ڪچي ۾ به آپريشن شروع ڪيو ويو آهي
آپريشن جي قيادت ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪري رهيو آهي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت پوليس جي وڏي نفري جديد هٿيارن ۽ بڪتر بند گاڏين سان آپريشن ۾ شامل آهي
ايس ايس پي دادو موجب ڪچي ۾ موندر، اسماعيل جا ڀاڻ ، ڪي ٽي جتوئي ۽ ٻين ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوھارين جي ٺڪاڻن جي جھڙتي ورتي وئي ۽ شڪي ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي
ايس ايس پي دادو عبدالخالق پيرزادو چيو آهي ته سرچ آپريشن جو مقصد ڪچي کي ڏوھارين جي آرامگاھه ٿيڻ کان روڪڻ آھي، آپريشن دوران گھربل جوابدار في الحال هٿ ناهن آيا