| ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا قتل پيءُ پٽ جي غائبانا جنازي نماز ادا |
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا طور قتل ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي، عارف گولو ۽ سندس پٽ اشر جي غائبانا جنازي نماز ڳوٺ شوڪت خان گولو ۾ ادا ڪئي وئي، ان حوالي سان وارثن صدام گولو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، مقتولن آخري ديدار به نه ڪري سگهياسين، جوابدارن قتل بعد مقتولن جي لاشن کي باهه ڏئي هڏا گم ڪري ڇڏيا، جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اصل جوابدار ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪيو وڃي.