ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا قتل پيءُ ۽ پٽ جا لاش نه مليا: گرفتار جوابدار جي  بيانن ۾ تضاد

ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا قتل پيءُ ۽ پٽ جا لاش نه مليا: گرفتار جوابدار جي  بيانن ۾ تضاد

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ڄاڻايل پيءُ ۽ پٽ جو قتل واقعو مامرو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا ڳجهارت بڻيل آهي، جوابدار ذيشان گولو بيان مٽائيندي پنهنجي ويڳي ڀاءُ عارف گولو ۽ نينگر اشر گولو کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهڻ جو اعتراف ڪيو آهي  جڏهن ته پوليس مقتولن جا لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي، .پوليس موجب وارثن پيءُ پٽ کي اغوا ڄاڻايو هو، معاملي جي جاچ شروع ڪئي ته واقعو ٻٽي قتل ۾ تبديل ٿي ويو، جاچ موجب  جوابدار ذيشان گلو پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي پنهنجي گهر گهرائي ساٿين سان گڏجي نشو ڏيڻ بعد هٿوڙا هڻي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي ساڙي هڏا درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيا، ملڪيت واري معاملي تان واقعو پيش آيو آهي، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار اهڙو اعتراف به ڪري چڪو آهي، گرفتار ٿيل سمير ولد سرفراز عرف دانش عباسي ۽ شانيلا عرف بيلا زال سرفراز عرف دانش کان به جاچ ڪئي پئي وڃي.، ٻي طرف  مقتولن جي وارثن صدام گولو جو چوڻ هو ته جوابدار ذيشان گولو سان گڏ ٻيا جوابدار به آهن، جن کي پوليس ظاهر نه پئي ڪري، صدمون پهتو آهي، قتل جي پويان پوري پلاننگ ڪندڙ ماسٽر مائينڊ ڪو ٻيو آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي، مقتولن جي وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو، هنن جو چوڻ هو ته اسين پوليس جي ڪارگردگي مان مطمئن ناهيون، پوليس کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي. قتل پويان ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.