| ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ڄاڻايل پيءُ، پٽ سميت ساڙي قتل: ويڳي ڀاءُ پاران اعتراف، 4 ڄڻا گرفتار |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ڄاڻايل پيءُ ۽ پٽ کي مبينا طور ملڪيت واري معاملي تان قتل ڪري لاش ساڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار ذيشان گولو کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار جي اعتراف بعد پوليس سندن گهر تي چڙهائي ڪري وڌيڪ ٻن عورتن ۽ ٻن مردن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ون فائيو انچارج خليل لغاري چيو ته جوابدار ذيشان گولو پوليس وٽ پيش ٿي اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ويڳي ڀاءُ 40 ورهين جي عارف گولو ۽ سندس 14 ورهين جي پٽ اشر گولو کي قتل ڪيو آهي، جوابدار ٻٽي قتل بعد لاش لڪائي ڇڏيا، پوليس موجب مک جوابدار کي لاڪ اپ ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرزانپور پاڙي ۾ جوابدار ذيشان گولو جي گهر ۾ چڙهائي ڪندي عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪيو، گرفتارين بعد جوابدارن وڌيڪ اعتراف ڪيو ته عارف گولو ۽ سندس 14 ورهين جي پٽ اشر گولو کي ساڙي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي ته قتل ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ جا سڙيل هڏا مليا آهن، مک جوابدار ذيشان پنهنجي ساٿين سان گڏجي پنهنجي ويڳي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس هٿ ڪيل هڏا ميڊيا جي سامهون نه آندا.
| قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار گولا برادري جي چڱي مڙس جو نياڻو |
ڪنڌڪوٽ: مبينا طور قتل ٿي ويل عارف گولو علائقي جي بااثر سردار محمد صلاح گولو جو سئوٽ آهي، جڏهن ته قتل جي الزام هيٺ آيل ذيشان گولو سردار محمد صلاح گولو جو ڄاٽو آهي، قتل جي الزام هيٺ آيل ذيشان گولو کي علائقي جي گولا برادري جي چڱي مڙس محمد صلاح گولو جي نياڻي ڏنل آهي، ذيشان گولو جي ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي هئي.
پيءُ پٽ کي مبينا طور ملڪيت واري معاملي تان قتل ڪيو ويو: ذريعا
ڪنڌڪوٽ: پيءُ ۽ پٽ کي مبينا طور ملڪيت جي معاملي تان قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب عارف گولو ۽ سندس پٽ کي ملڪيت واري معاملي تان قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن لاش نه ملي سگهيا آهن.
ٻٽي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو : اڃا جاچ ڪيون پيا: پوليس
ڪنڌڪوٽ: مبينا طور قتل ٿي ويل 40 ورهين جي عارف گولو ۽ سندس پٽ واري واقعي جي پوليس ايف آءِ آر درج نه ڪري سگهي آهي، پوليس موجب واقعي جي اڃا وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
مغوي پيءُ ۽ پٽ جي بازيابي جي لاءِ گولا برادري جي ماڻهن ۽ وارثن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا
ڪنڌڪوٽ: گولا برادري جي ماڻهن طرفان اغوا ٿي ويل 40 ورهين جي عارف گولو ۽ سندس معصوم پٽ جي بازيابي جي لاءِ ڪجھه ڏينهن اڳ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو، مظاهرين مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.
پوليس پيءُ پٽ جي لاشن جا سڙيل هڏا سامهون آڻي نه سگھي
ڪنڌڪوٽ: پوليس طرفان مک جوابدار ذيشان گولو جي گهر تي چڙهائي ڪري ساڙي قتل ڪيل پيءُ ۽ پٽ جي لاشن جا هڏا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هٿ آيل لاش جي هڏن کي ميڊيا جي سامهون نه آندو ويو آهي.