ڪنڌڪوٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جا 4 آفيسر پراسرار نموني فوت، تشدد جا نشان، وارثن قتل شڪ ڏيکاري ڇڏيو

جنوري 11, 2024

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) اليڪشن ڪميشن ڪنڌڪوٽ جي آفيس مان 4 ملازمن جا لاش هٿ آيا. سب اسسٽنٽ عبدالرئوف مگسي، ڪمپيوٽر آپريٽر فريد احمد ايري، ماجد علي خالطي، اليڪشن ڪميش آفيسر مشتاق احمد مگسي جا اليڪشن ڪميشن  جا لاش مليا.چئني ملازمن کي مئل حالت ۾ ڏسي اليڪشن ڪميشن آفيس جي ملازمن اعليٰ آفيسرن کي آگاهه ڪيو،  اهڙو اطلاع ڊپٽي ڪمشنر، پوليس ۽ ٻين کي ڏنو ويو، خبر باهه جيان ڦهلجي وئي، چئني ملازم جا لاش اسپتال آندا ويا، ڊاڪٽرن پاران ابتدائي رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ته 4 ئي ملازم پيٽرول واري جنريٽر جي دونهين جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا آهن، چئني ملازمن جا مڙهه واقعي ٿيڻ کان سول اسپتال طرف منتقلي جي 12 ڪلاڪن تائين سول اسپتال ۾ پيل رهيا، اليڪشن ڪميشن آفيسر مشتاق مگسي، ڪمپيوٽر آپريٽر عبدالرئوف مگسي، ڪمپيوٽر آپريٽر فريد ايري جو تعلق لاڙڪاڻه ضلعي ۽ ماجد خالطي جو تعلق ڪنڌڪوٽ شهر سان هو. وارث ڪنڌڪوٽ سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد 3 ملازم جا مڙهه  لاڙڪاڻي کڻائي ويا، ڪنڌڪوٽ جي رهواسي ماجد خالطي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، اطلاع ملڻ تي شهري به وڏي انگ ۾ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ پهتا، ڊي سي ڪشمور فضل اويسي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيسر سردار ستار، ڊي ايڇ او ڪشمور بابو لال ۽ ايم ايس اسپتال پهتا، هوڏانهن پراسرار نموني فوت ٿيل چئن ملازمن جي وارثن واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو، وارثن آصف مگسي، غلام نبي مگسي، مختيار احمد جو چوڻ هو ته اسان جي پيارن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سازش تحت چئني ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي هوڏانهن چيف اليڪشن ڪشمنر سڪندر سلطان راجا واقعي جو نوٽيس  وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، چيف اليڪشن ڪشمنر سڪندر سلطان  راجا ۽ ممبرن پاران اليڪشن ڪميشن  جا 4 ملازم فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو

ڪنڌڪوٽ واقعو: چيف سيڪريٽري نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران ڪنڌڪوٽ ۾ 4 سرڪاري ملازمن جي پراسرار فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ 4 سرڪاري ملازمن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي افسوس ٿيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر کان ڌار ڌار تفصيل گھرائي ورتا آهن.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله پاران ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس ڪشمور ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 4 ملازمن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار، صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾  ڊسٽرڪٽ ڪمشنر آفيس ڪشمور ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 4 ملازمن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله فوت ٿيل ملازمن جي درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته الله تعالي سوڳوارن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، واضح رهي ته فوتين ۾ گئس ليڪيج ۾ اليڪشن آفيسر مشتاق احمد مگسي، ڊيٽا انٽري آپريٽر فريد احمد، ڊيٽا انٽري آپريٽر ماجد علي ۽ اسسٽنٽ عبدالرئوف فوت ٿي ويا آهن.

ڀاءُ قتل ٿيو، گيس نه هئي، جنريٽر خراب هو، تارون ڪٽيل هيون: آصف مگسي

ڪنڌڪوٽ: اليڪشن ڪميشن آفيسر مشتاق مگسي جي ڀاءَ آصف مگسي جو چوڻ هو ته ڀاءَ کي قتل ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ سيڪورٽي جا ڪي به انتظام نه هئا، هن چيو ته ڊاڪٽر ۽ انتظاميا چوي پئي ته ساهه ٻوساٽجڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، اسين اليڪشن ڪميشن آفيس وياسين ته اُتي جنريٽر جو نظام ئي نه هو، جنريٽر خراب هو،  تارون ئي ڪٽيل هيون، آفيس ۾ گئس به نه هئي، اليڪشن ڪميشن آفيس جون دريون به کليل هيون، درين کي اسان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي بند به نه پيون ٿين، پوءِ اسان جا پيارا ساهه ٻوساٽجڻ سبب ڪيئن فوت ٿيا، هنن چيو ته چئني ڄڻن جا مڙهه اهڙي نموني پيل هئا، جيئن ڪنهن کين قتل ڪري مڙهه ڪرسين تي رکي ڇڏيا هجن. چئني ملازمن جي ڳلي تي نشان به هئا.هنن چيو ته هن قتل ۾ وڏا هٿ ملوث آهن.، چئني ڄڻن کي ماني ڏيندڙ بورچي کان به جاچ ڪئي وڃي. چئني ملازمن جي وارثن جو چوڻ هو ته انتظاميا جيڪا موقف ڏنو ان کي اسين رد ڪريون ٿا اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ملازمن جو موت جنريٽر مان دونهون نڪرڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو: ڊي ايچ او

ڪنڌڪوٽ: سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ڊي ايڇ او ڪشمور بابو لال پاران ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته چئني ملازمن جو موت پيٽرول واري جنريٽر مان دونهون نڪرڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ حقيتون سامهون اينديون

وائرل ٿيل تصويرن تي سوال اٿڻ لڳا، هڪ ستل ۽ 3 ڪرسين تي ويٺل آهن

ڪنڌڪوٽ: اليڪشن ڪمشنر آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ 4 ملازمن جو موت ڳجهارت بڻيل.واقعي وقت جا فوٽيج هٿ اچڻ بعد ملازمن جي موت ڪيترائي سوال اڀاري ڇڏي. فوٽيجز ۾ اليڪشن ڪمشنر آفيس جون دريون کليل آهن ۽ 4 ئي ملازم شڪي انداز سان ڪُرسين تي مختلف انداز سان پيل آهن ۽ هڪ نوجوان سُتل حالت ۾ مليو.

واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي: ڊي سي

ڪنڌڪوٽ: ڊي سي ڪشمور امير فضل اويسي جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪمشنر آفيس جي ملازمن جي موت جي خبر پوڻ بعد اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي هن چيو ته ابتدائي رپورٽ ۾ خبر پئي ته هنن جو ساهه ٻوساٽجڻ سبب موت ٿيو آهي هن چيو ته عمومن ائين ٿيندو آهي ته هيٽر ۽ گئس هلائي ماڻهو سمهي رهندا آهن جنهن سبب اهڙا واقعا جنم وٺندا آهن.ڊي سي جو چوڻ هو ته وڌيڪ پوليس ۽ اليڪشن ڪمشنر آفيس جا لاڳاپيل عملو ۽ اسين هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

رات جو 12 وڳي مشتاق مگسي ۽ عبدالرئوف ٻڌايو ته ڪم ختم ٿي ويو آهي: ضلعي اليڪشن ڪمشنر

ڪنڌڪوٽ: ضلعي اليڪشن ڪمشنر سردار ستار جو چوڻ هو ته شديد سردي ۾ 4 ئي ملازم رات 12 بجي تائين ڪم ڪري رهيا هئا، مشتاق مگسي ۽ عبدالرئوف مون وٽ اچي ٻڌايو ته ڪم مڪمل ٿي ويو آهيم هاڻي هو سمهنداسين، مون چيو ٺيڪ آهي اوهان آرام ڪريون، صبح سان اطلاع مليو ته 4 ئي ملازم فوت ٿي ويا، انتهائي ڏکائيندڙ واقعو آهي، وڌيڪ ان معاملي تي جاچ هلي رهي آهي.

Leave A Comment