ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، امن ڪرائڻ جو مطالبو

مَي 22, 2023

ڪنڌڪوٽ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهن

شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي، سماجي توڙي مذهبي جماعتن ۽ واپارين جي سڏ تي شهر ۾ ڪاروبار بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ڇوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن

اڳواڻن چيو ته پوليس جي نااهلي خلاف شهر ۾ هڙال ڪري اگهور ننڊ ستل اختيارين کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته صورتحال جو نوٽيس وٺي شهر سميت پوري ضلعي ۾ امن قائم ڪرايو وڃي

Leave A Comment