ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني: ضلعي جو 50هون خاندان لڙڪ لاڙيندي جنم ڀومي ڇڏي ڀارت روانو
ڊسمبر 4, 2024
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، وڌيڪ هڪ هندو خاندان لڏپلاڻ ڪري ڀارت طرف لڙڪ لاڙيندي روانا ٿي ويا، شهر جي 4 فردن پاران پنهنجي ديس کي ڇڏڻ وقت آخري ملاقات لاءِ آيل دوست احبابن به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا ۽ لڙڪ لاڙيندي هندو خاندان سنجئي ڪمار ۽ سندس خاندان جي ٻين فردن کي ڪنڌڪوٽ مان الوداع ڪيو، ان حوالي سان سنجئي ڪمار چيو ته هتي محفوظ ناهيون، روز هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڌاڙيلن هٿان ڦرجي وڃن ٿا ۽ اغوا ٿين ٿا، اسان جي شهر ۾ اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن واردات نه ٿي هجي، فيملي به محفوظ ناهي، جنهن بعد هندو خاندان لڙڪ لاڙيندا پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي انڊيا روانا ٿي ويا. هلندڙ سال ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 50 هندو خاندان 300 کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ معصوم ٻارڙن پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي هميشه لاءِ ڀارت روانا ٿي چڪا آهن.